ٽائون ڪميٽي نيوسعيد آباد مان ٿيل چوري بابت ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي

news

نيوسعيد آباد (رپورٽ: واجد ملاح) ٽائون ڪميٽي نيوسعيد آباد مان رڪارڊ ۽ ٻئي سامان جي چوري بابت ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگھي، جڏھن ته ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو اڄ سومر جي ڏينھن اسسٽنٽ ڪمشنر، ائڊمنسٽريٽر نيوسعيد آباد زاھد جوڻيجو کي پنھنجي آفيس مٽياري ۾ طلب ڪري ورتو.

اسسٽنٽ ڪمشنر، ائڊمنسٽريٽر زاھد جوڻيجو موجب ٽائون ڪميٽي مان رڪاڊ ۽ ٻيو سامان چوري ڪرائڻ افسوسناڪ عمل آھي، جنھن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي. ھن ٻڌايوته نيب ۽ ٻيا ادارا جاچ ڪري رھيا آھن، ان دوران رڪارڊ چوري ٿيڻ حيرت واري ڳالھ آھي.

ھوڏانھن 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ٽائون ڪميٽي مان چوري ٿيل رڪارڊ ۽ ٻئي سامان جي ايف آءِ آر به داخل نه ڪرائي وئي آھي. صرف اين سي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آھي.

بدلي ٿي ويل ٽائون آفيسر غلام مرتضيٰ جاگيراڻي الزام ھنيو آھي ته اڳوڻي چيئرمين حاجي عزيز احمد راھو ڪرپشن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ ٽائون ڪميٽي مان چوري ڪرائي آھي. ھن ڪجھ ڏينھن اڳ ۾ مون کي سندس بنگلي تي گھرائي چيو ته مون جيڪي ماڻھو ڀرتي ڪيا آھن، انھن مان چئن ڄڻن کي بحال ڪر، جنھن تي مون انڪار ڪيو. ان بعد ٽائون ڪميٽي مان چوري ڪرائي نين ڀرتين جو رڪارڊ ۽ ٻيو سامان کڻايو ويو آھي. ھن ٻڌايو ته ٽائون چيئرمين پاران غيرقانوني طور ڀرتي ڪيل ماڻھن کي مون فارغ ڪرايو آھي، جنھن تي مون خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن.

ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي اڳوڻي چيئرمين حاجي عزيز احمد راھو ٻڌايو ته ٽائون آفيسر پاران مٿس لڳايل سمورا الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آھن. ھن ٻڌايو ته ٽائون ڪميٽي جي ملازم سليم حاجاڻو شھر مان ھڪ ڇوڪري کڻي ويو ھو، جنھن بابت مون ٽائون آفيسر کي گھرايو ھو، مون ھن کي ڪنھن به ڀرتي ڪيل ملازم جي بحالي لاءِ نه چيو ھو. ھن جو چوڻ ھو ته رات جي وقت ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن، حقيقت سامھون اچي ويندي. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن آفيسر آفيس ۾ موجود ھجي ۽ چوري ٿئي ته ان مان ڇا مراد آھي؟.

ھن چيو ته ٽائون آفيسر مون تي ڀلي چوري ڪرائڻ جا الزام ھڻي پر آئون صرف اھو مطالبو ڪندس ته ٽائون آفيس ۾ ڊيوٽي تي موجود ملازمن کان پڇا ڪئي وڃي، انھن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن، اصل حقيقت سامھون اچي ويندي.