پنوعاقل ڀرسان رڪشو ڪلٽي، نينگري فوت، ٻن عورتن سميت ٽي ڄڻا زخمي

news

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پنوعاقل ڀرسان قومي شاھراهه تي رڪشو ڪلٽي، نينگري فوت، 2 عورتن سميت ٽي زخمي، اسپتال داخل.

پنوعاقل لڳ قومي شاھراهه تي تيز رفتار رڪشو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب کاھي ۾ ڪري پيو، حادثي جي نتيجي ۾ 6 ورھين جي انصہ بُلو موقعي تي فوت ٿي وئي، جڏھن تہ مائي غلام فاطمہ، اصل بانو ۽ سھيل بلو سخت زخمي ٿي پيا، فوتي ٻارڙي ۽ زخمين کي مقامي ماڻھن بروقت کڻائي تعلقي اسپتال پنوعاقل پھچايو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.

ھوڏانھن فوتي ٻارڙي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ ڪوٽ بلا کڻائي ويا، معصوم نينگري جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ قھرام مچي ويو.