جيڪب آباد ضلعي ۾ پ ٽ الف جي چونڊن ۾ انتظار ڇلگري گروپ سوڀ ماڻي ورتي

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ پ ٽ الف جي اليڪشن ۾ انتظار ڇلگري گروپ جي حمايتي يافتا پينل پوري ضلعي جي اليڪشن ۾ سوڀ ماڻي ورتي، چئني يونٽن ۾ سڀ اميدوار ڪامياب.

پرائمري اسڪول ٽيچر جي اليڪشن ۾ انتظار ڇلگري گروپ جي حمايت يافتا پينل ضلعي ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، سٽي جيڪب آباد يونٽ ۾ سنڌري پينل جي صدارتي اميدوار عبدالنبي سومرو ۽ جنرل سيڪريٽري حبيب الله مستوئي 422 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته مخالف ڌر فخر استاد پينل جي صدارتي اميدوار حفيظ بروهي ۽ جنرل سيڪريٽري سلطان ڌرپالي 231 ووٽ کڻي سگهي، تعلقي جيڪب آباد تي سخي ميھر شاهه پينل جي صدارتي اميدوار صفدر پنھور ۽ جنرل سيڪريٽري عبدالباقي کوسو 222 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي مخالف فخر استاد جي اميدوار قادر سومرو ۽ جنرل سيڪريٽري اياز مغيري 133 ووٽ کڻي سگهيا.

تعلقي ٺل ۾ نوناري پينل جي صدارتي اميدوار محبوب نوناري ۽ جنرل سيڪريٽري ضمير احمد ٻرڙو 653 ووٽ کڻي ڪاميابي پنهنجي نانءُ ڪئي، مخالف ڀٽائي پينل جي اميدوار ظھير نوناري ۽ غلام حسين کوسو 266 ووٽ کڻي سگهيا.

جڏهن ته تعلقه ڳڙهي خيرو ۾ سنڌڙي پينل جي صدارتي اميدوار شھزاد ڀٽي ۽ جنرل سيڪريٽري عبدالستار لاشاري 385 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته مخالف فخر استاد پينل جي صدارتي اميدوار دريا خان ۽ جنرل سيڪريٽري محمد خان ميرالي 116 ووٽ کنيا آهن.

اھڙي طرح پ ٽ الف جي اليڪشن ۾ پوري ضلعي ۾ انتظار ڇلگري جي حمايتي يافته سڀني اميدوارن چئني يونٽن ۾ ٽن سالن لاءِ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.