نئون ديرو لڳ سعدو ديرو ڳوٺ ۾ مڱڻيجا ۽ گوپانگ برادريءَ جي ٻن ڌرين ڇڪتاڻ، ٻه ڄڻا زخمي

news

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو لڳ سعدو ديرو ڳوٺ ۾ مڱڻيجا ۽ گوپانگ برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي.

ٻنهي ڌرين وچ ۾ هلندڙ فائرنگ دوران مڱڻيجا ڌر جا 2 نوجوان امجد مڱڻيجو ۽ وليداد مڱڻيجو گوليون لڳڻ ڪري شديد زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ نئون ديرو اسپتال آندو ويو، جتي زخمي امجد مڱڻيجو جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کيس وڌيڪ علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي نيو ويو آهي.

زخمين سان اسپتال ۾ گڏ آيل عورتون دانهون ڪري روئي رهيون هيون، جتي دانهون ڪندي هنن ٻڌايو ته اسان جا نوجوان زمينن تي ساريالي فصل جي سٽ ڪري رهيا هئا ته گوپانگ ڌر جي هٿياربندن اسان جي مٿان اوچتو حملو ڪري سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اسان جا ٻه ڄڻا امجد ۽ وليداد مڱڻيجو گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿيا آهن.

هنن چيو ته حملي آورن خلاف هڪدم ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

هوڏانهن نئون ديرو پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي. ڌرين وچ ۾ جهيڙي کي روڪرائڻ لاءِ پوليس پارٽيءَ کي موڪليو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

ٻئي پاسي مڱڻيجا ۽ گوپانگ ذات جي ٻنهي ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو شروع ٿيو جنهن ۾ هن وقت تائين گوپانگ ڌر جو هڪ ڄڻو قتل ٿيل آهي، جنهن بعد ڌرين وچ ۾ مختلف وقتن تي ڇڪتاڻ جو سلسلو هلندڙ هو اڄ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ شدت اختيار ڪري وئي جنهن ۾ ڌرين جي هٿياربندن هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ هڪ ڌر جا ٻه ڄڻا زخمي ٿيا آهن.