اوڪاڙه ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت پنج ڄڻا فوت

news

اوڪاڙه:(سومر 19 آڪٽوبر 2020ع)  اوڪاڙه ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته گهر جي ڇت ڪرڻ جو واقعو گيمبراڊه جي ڏورانهين علائقي ۾ پيش آيو جتي گهر  تعمير هيٺ هو ۽ ڇت تي ملبو رکيل هو. ڇت مٿان گهڻو وزن رکڻ سبب ڇت پٽ پئجي وئي.

ريسڪيو جي ترجمان موجب 3 ايمبولينسون، فائر ۽ ريسڪيو وهيڪلز امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن جڏهن ته ملبي هيٺيان دبيل سمورن ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي.

ترجمان ٻڌايو ته گهر جي ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿي ويلن  ماڻهن ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن.