شهدادپور: پ ٽ الف جي چونڊ ۾ ٻه پئنل آمهون سامهون، استاد پئنل کي سرسي

news

شهدادپور(رپورٽ: سيفل عباس ساند) پ ٽ الف تعلقہ شهدادپور جي اليڪشن ۾ استاد دوست پينل ۽ استاد اتحاد پينل ۾ سخت مقابلو کانپوءِ استاد اتحاد پينل جي لاءِ نامزد صدر ھدايت الله خلجي، جنرل سيڪريٽري غلام مصطفيٰ ڏاھري، شھدادپور ۽ شاھپور چاڪر مان 566 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.

استاد دوست پينل جي نامزد صدر بدرالدين ڏاھري ۽ جنرل سيڪريٽري محمد عقيل راچپوت 516 ووٽ کڻي سگھيا جنهن ۾ ٽوٽل رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد 1250 ھو جيڪي 825 شهدادپور ۽ 425 شاهپور چاڪر ۾ جنهن ۾ 124 ليڊيز ٽيچر جا ووٽ  شامل آھن.