وفاقي حڪومت العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف جي طلبي جا اشتهار اخبارن ۾ شايع ڪرائي ڇڏيا

news

لاهور: (سومر 19 آڪٽوبر 2020ع) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف  کي اشتهار ذريعي طلب ڪرڻ لاءِ عدالتي حڪمن تي عمل ٿي ويو آهي. حڪومت العزيزيه اسٽيل ملز ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف جي طلبي جا اشتهار مختلف اخبارن ۾ شايع ڪرائي ڇڏيا.

ٻئي اشتهار عدالتي حڪمن تي ملڪ جي مختلف اخبارن ۾ شايع ڪرايا ويا. اخبارن ۾ شايع ڪرايل اشتهارن ۾ چيو ويو آهي ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف کي 6 جولاءِ 2018 تي 10 سال قيد ۽ 8 ملين پائونڊ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي. ان کان علاوه اخباري اشتهارن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته نوازشريف کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو.

شايع ڪيل اشتهارن ۾ چيو ويو آهي ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ 19 سيپٽمبر 2018 تي نوازشريف جي سزا معطل ٿيڻ کان پوءِ هو ضمانت تي آزاد ٿيو. ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اپيل ٻڌڻي هيٺ اهي ۽ نوازشريف عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو پابند هو. اشتهار ۾ چيو ويو آهي ته العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ نوازشريف کي 7 سال قيد ۽ ڏيڍ ارب روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي.

نوازشريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ 8 هفتن جي ضمانت منظور ڪئي وئي. ملڪ جي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل اشتهارن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته نوازشريف جي حاضري يقيني بنائڻ جي لاءِ گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا جن جي تعميل نه ٿي سگهي آهي ان ڪري نوازشريف 24 نومبر تي عدالت ۾ پيش ٿئي.