ڪيپٽن(ر) صفدر جي گرفتاري پي ڊي ايم ۾ وڇوٽي پيدا ڪرڻ جي سازش آهي: سعيد غني

news

ڪراچي: (سومر 19 آڪٽوبر 2020ع)  تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني ڪيپٽن(ر) صفدر جي گرفتاري کي پي ڊي ايم ۾ وڇوٽي پيدا ڪرڻ جي سازش جو حصو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ سعيد غني چيو آهي ته  قائداعظم جي مزار تي ڪيپٽن صفدر  جيڪو ڪجهه ڪيو اهو نامناسب هو پر جنهن انداز ۾ ڪراچي پوليس  کيس گرفتار ڪيو آهي اهو مذمت جوڳو عمل آهي. هن چيو ته ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري سنڌ حڪومت جي هدايتن تي ناهي ٿي. پوليس جو اهو قدم پي ڊي ايم جي پارٽين ۾ وڇوٽي پيدا ڪرڻ جي سازش جو حصو آهي جنهن کي اسان ناڪام بنائينداسين.

ٻئي طرف  خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي سعيد غني چيو ته ان حوالي سان وڏي وزير تي ڪوبه دٻاءُ نه هو جيڪو ڪجهه ٿيو اهو نامناسب آهي ۽ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري مذمت جوڳو عمل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ طرفان درخواست ڏني وئي آهي جڏهن ته عمران خان جڏهن پاڻ  قائداعظم جي مزار تي ويو هو ته ڇا ٿيو هو، پي ٽي آءِ وارن چيو ته اسان آءِ  جي تي دٻاءُ وجهنداسين.

صوبائي وزير چيو ته ڪالهه شام 7 وڳي تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو هو ڪيس ۾ وقت غلط لکيو ويو آهي جڏهن ته اهو فيصلو اسان کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪيو ويو. جيڪڏهن ان تي ڪوبه فيصلو ڪرڻو هو ته اسان کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها، هاڻ اسان جي ذميواري آهي ته اسان کان جيڪو  به ٿئي اسان ان جو ازالو ڪريو اهو سڀ ڪجهه اسان جي وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٿيو آهي اميد آهي ته پي ڊي ايم  جا اڳواڻ اهو سڀ ڪجهه سمجهي رهيا هوندا. سعيد غني وڌيڪ چيو ته اسان کي ڪيپٽن(ر) صفدر جي گرفتاري جو چيو وڃي ها ته اسان ان جي ڪڏهن به اجازت نه ڏيون ها.