مورو ۾ پ ٽ الف جي چونڊ، ڀٽائي گروپ جو پينل سوڀارو

news

مورو(رپورٽ:وحيد مستوئي) پ ٽ الف تعلقہ مورو جي ٻن گروپن پ ٽ الف ڀٽائي پينل ۽ پ ٽ الف حافظ علي مراد مست پينلن ۾ اليڪشن چيئرمين وزير فرھاد سولنگي جي نگراني ۾ ٿي گذري جنھن ۾ تعلقي مورو جي 1174 استادن جا ووٽ ھيا جن مان 1022 استادن پنھنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري اليڪشن ۾ ڀرپور حصو ورتو.

اليڪشن صبح جو 09 وڳي کان شروع ڪئي وئي جيڪا شام جو 05 وڳي تائين جاري رھي، پ ٽ الف ڀٽائي گروپ جي پينل تي صدر سيد نذير علي شاھ ۽ پ ٽ الف حافظ علي مراد مست گروپ جي پينل تي صدر سيد مختيار احمد شاھ جي وچ ۾ سخت مقابلو رھيو جنهن ۾ پ ٽ الف ڀٽائي گروپ جي پينل 60 ووٽ مخالف ڌر کان وڌيڪ کڻي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي آھي.