صفدر کي ڪنهن گرفتار ڪيو اهو وساري ڇڏيو، سندس ڏوهه ڏٺو وڃي: شبلي فراز

news

پشاور: (سومر 19 آڪٽوبر 2020ع) اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪيپٽن(ر) صفدر کي ڪنهن گرفتار ڪيو ان کي وساري ڇڏيو ان جي ڏوهه کي ڏٺو وڃي.

پشاور ۾ صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران شبلي فراز چيو ته حڪومت اپوزيشن جي جلسن مان ڊنل ناهي. جواب ڏيڻ اسان جو فرض آهي ته جيئن صورتحال واضح رهي. بنارسي ٺڳن جي ٽولي جو مقصد پاڪستان کي پوئتي ڪرڻ آهي. 2018 جي چونڊن ۾ عوام  هنن کي رد ڪري ڇڏيو. هي پنهنجي ڦر مار ۽ ڪرپشن جو تحفظ چاهين ٿا. هي ڪاروباري ماڻهو هئا هنن پنهنجي سهوليت موجب نظام هلايو، هنن ذاتي مفادن جي لاءِ ملڪ جي وسيلن کي لٽيو ۽ ادارن کي مفلوج ڪيو.

ملڪ ۾ جيترا به ادارا هئا انهن کي لاڳيتو تباهه ڪيو ويو. اپوزيشن  ايف اي ٽي ايف قانون تي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هي چاهين ٿا ته هڪ ارب کان گهٽ جي رقم جو معاملو ڪرپشن ۾ شمار نه ڪيو وڃي. مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪندي شبلي فراز چيو ته مولانا فضل الرحمان   اها رٽ لڳايو ويٺو آهي ته هي اسيمبلي جعلي آهي، مولانا  فضل الرحمان جنهن اسيمبلي کي هي جعلي چوي ٿي ان مان هن صدر بنجڻ جي ڪوشش ڪئي. هو ڊگهي عرصي تائين ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين رهيو  پر  هن ان ڪاز جي لاءِ ڇا ڪيو؟

شبلي فراز چيو ته  هڪ فراڊي پاڻ کي بيمار ڏيکاري ملڪ کان ٻاهر هليو ويو. نوازشريف قانون کان مٿانهون ناهي. کيس واپس اچي جواب ڏيڻ گهرجي. نوازشريف جي واپسي لاءِ حڪومت قدم کڻندي. کيس واپس آڻي عام جيل ۾ وجهنداسين. ڪيپٽن(ر) صفدر جي گرفتاري تي شبلي فراز چيو ته قائداعظم جي مزار تي نعريبازي برداشت نٿا ڪري سگهون.

ڪيپٽن(ر) صفدر پاڪستان ۽ عوام جي توهين ڪئي آهي ان لاءِ هو گرفتار ٿيو کيس ڪنهن گرفتار ڪيو اهو وساري ويهو ان جو ڏوهه ڏسو ان جي سياست سان ڪوبه تعلق ناهي.