زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم جو دورو: قومي ڪرڪيٽ ٽيم اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

لاهور: (سومر 19 آڪٽوبر 2020ع) زمبابوي ڪرڪيت ٽيم  جو پاڪستان جي دوري لاءِ هيڊ ڪوچ مصباح الحق قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

فخر زمان، حيدر علي، حارث سهيل، امام الحق، خوشدل شاهه ۽ محمد حفيظ کي زمبابوي جي دوري لاءِ پاڪستان جي اسڪواڊ جو حصو بنايو ويو آهي. پريس ڪانفرنس دوران مصباح الحق ٻڌايو آهي ته روحيل نذير، محمد رضوان، عثمان قادر، ظفر گوبر کي پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٿيندڙ سيريز جي لاءِ ٽيم جو حصو بنايو ويو آهي.

موسيٰ خان، شاهين شاهه آفريدي، محمد حسنين ۽ وهاب رياض کي به قومي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پريس ڪانفرنس دوران مصباح الحق چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سرفراز احمد فرسٽ ڪلاس ۾ پرفارم ڪندو ۽ پوءِ ڪم بيڪ ڪندو جن رانديگرن کي ڊراپ ڪيو ويو انهن کي ٻيهر موقعو ڏينداسين. هن چيو ته شرجيل خان جي لاءِ انٽرنيشنل پروگرام ڏيڻ گهرجي. فٽنس تي ڪم ڪرڻو پوندو، نوجوان رانديگرن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي رهيا آهيون.

ٻئي طرف ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) انگلينڊ جي ڪرڪيٽ بوڊ(اي سي بي) کي پاڪستان ۾ سيريز کيڏڻ جي دعوت ڏني هئي. ذريعن پي سي بي طرفان موڪليل دعوت نامي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اي سي بي جواب ڏيڻ جي لاءِ وقت گهريو آهي.

ذريعن موجب پي سي بي انگلينڊ کي جنوري ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏڻ جي دعوت ڏني. ذريعن موجب انگلينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي تي خوشي جو اظهار ڪيو. انگلينڊ جي بورڊ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين.