ملڪ جي لاءِ کيڏڻ تي خوشي آهي، شاهد آفريدي تمام گهڻا دڙڪا ڏيندو هو: عمر گل

news

اسلام آباد: (سومر 19 آڪٽوبر 2020ع) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عمر گل چيو آهي ته ملڪ جي لاءِ کيڏڻ تي تمام گهڻي خوشي آهي، پر شاهد آفريدي کان تمام گهڻا دڙڪا ملندا هئا.

اڳوڻي ٽيسٽ رانديگر عمر گل خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مان هميشه پاڪستان جي لاءِ کيڏيو ۽ سٺو کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهو زندگي جو نظام آهي ڪير اچي ٿو ته وري ڪير وڃي ٿو. هن چيو ته جڏهن مان آيس ته سينئر ويا هئا ۽ هاڻ جڏهن  مان وڃي رهيو آهيان ته جونيئر اچي رهيا آهن.

يونس خان سان ڪم ڪرڻ وقت سٺو لڳو ۽ شاهد آفريدي  کان به گهڻو ڪجهه سکيو. عمر گل چيو ته ڊريسنگ روم هجي يا راند جو ميدان شاهد آفريدي کان دڙڪا ملندا هئا. پر خوشي ٿي ته ملڪ جي لاءِ کيڏيو.

هن وڌيڪ چيو ته ٽيم جي ڪوچ باب وولمر انجري تي ڏکڻ آفريڪا وڃڻ جي هدايت ڏني هئي ۽ انجري کان پوءِ اميد نه هئي ته ڪرڪيٽ ۾ واپسي جلد ٿيندي. اڳوڻي ٽيسٽ رانديگر چيو ته اسپورٽس ۾ هر طرح سان فٽ رهڻ ضروري هوندو آهي.