ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ: شعيب ملڪ ٽي سئو ڇڪا هڻندڙ پهريون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو

news

ڪراچي: (سومر 19 آڪٽوبر 2020ع)  پاڪستاني رانديگر شعيب ملڪ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ 300 ڇڪا هڻندڙ پهريون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو آهي.

هن اهو اعزاز آچر تي قومي ٽي 20 ڪپ جي فائنل ۾ سدرن پنجاب جي خلاف خيبرپختونخواهه جي نمائندگي ڪندي حاصل ڪيو.

تجربيڪار بيٽسمين 4 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 22 بالن تي 56 رنسن جي نه وسارڻ جوڳي اننگز کيڏي.

ان دوران هن 20 بالن تي 50 رنسون به مڪمل  ڪيون  اها 15 سالن جي ڪيريئر هن جي تيز ترين ففٽي شمار ٿي.