ٽنڊومحمدخان: بدامني ۽ منشيات جي خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

news

ٽنڊو محمد خان(رپورٽ:ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان ضلعي اندر وڌندڙ بدامني چورين جو آزار ۽ منشيات جي سر ي عام واھپي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سوين ڪارڪنن پ پ ايم پي جي رھائش گاھ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.

مظاھري کي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري,اقبال حاجاڻو خطاب ڪندي چيو ته شھر ۾ منشيات جو کلي عام واھپو جاري آھي ۽ نوجوان نسل تباھه ٿي رھيو آھي، شھر جي جڳھه جڳھه منشيات جا واپاري وڌندا پيا وڃن، پوليس ڪجھه نه ٿي ڪري.

ھنن چيو ته ايس ايس پي کي ڪيتريون شڪاتيون ڪيون آھن ڪوبه ازالو نه ٿيو آھي، ھنن چيو ته روز جي بنياد تي موٽر سائيڪلون ڦرجي رھيون آھن جڏھن ته شھر جو واپاري غير محفوظ بنجي ويو آھي، ان موقعي تي ھنن اعلا اختيارين ۽ چونڊيل نمائدن کي اپيل ڪندي چيو ته شھر ۾ منشيات جو واھپو بند ڪرائي امن امان ڪرايو وڃي.