ٽنڊوڄام ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جا دوڪانن ۽ اٽي چڪين تي ڇاپا

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي جِي نئين مقرر ڪيل اسسٽنٽ ڪمشنر جا ٽنڊوڄام ۾ دوڪانن ۽ اٽي چڪين تي ڇاپا. وڌيڪ اگهه وٺندڙن تي هزارين روپيا ڏنڊ. لسٽون نه ملڻ تي مارڪيٽ ڪميٽي کي آفيس طلب ڪري ورتو.

خبر موجب تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي ۾ نئيِن مقرر ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنر قنديل فاطمه ميمڻ اوچتو ٽنڊوڄام پهچي پوليس ۽ ٻين روينيو عملدارن سان گڏ شهر جي بازارن ۾ مختلف دوڪانن ۽ اٽي چڪين تي اگهه معلوم ڪيا. دوڪاندارن ۽ اٽي چڪين جي مالڪن طرفان مقرر ڪيل سرڪاري اگهه کان وڌيڪ اگهه وٺڻ ۽ ريٽ لسٽ نه رکڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي دوڪاندارن ۽ اٽي چڪين جي مالڪن کان هزارين روپيا ڏنڊ وصول ڪيو.

جڏهن ته دوڪاندارن پاران ريٽ لسٽ نه ملڻ جي شڪايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر مارڪيٽ ڪميٽي عملي کي آفيس طلب ڪري ورتو آهي.

ٻئي پاسي اسسٽنٽ ڪمشنر جي اوچتن ڇاپن جو ٻڌي ڪيترائي دوڪاندار ۽ اٽي چڪي مالڪ ڪاروبار بند ڪري کسڪي ويا.

ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر قنديل فاطمه ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دوڪاندارن ۽ اٽي چڪي مالڪن عام واهپي جي شين، کير ۽ اٽي جا هٿرادو طور اگهه وڌائي ڇڏيا آهن ۽ سرڪاري ريٽ لسٽ به نه پئي لڳائي وڃي. هن چيو ته هر دوڪاندار کي سرڪاري ريٽ لسٽ نه لڳائيندڙن ۽ سرڪار طرفان مقري ڪيل اگهن تي سامان وڪرو نه ڪندڙن جا دوڪان ۽ اٽي چڪيون سيل ڪيون وينديون.

هن چيو ته تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي ۾ منافعي خورن ۽ غيرمعياري شيون وڪرو ڪندڙن خلاف جلد ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو.