گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مجيد ڪيريو جي رٽائرڊ استاد حاجي خان ملاح جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو

news

سڪرنڊ (رپورٽ: مشتاق سولنگي) گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مجيد ڪيريو جي محنتي ۽ سينئر استاد حاجي خان ملاح جي رٽائر ٿيڻ تي سندس مان ۾ هيڊ ماستر اعجاز علي چنا ۽ استادن طرفان پروقار الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي.

ان موقعي تي هيڊ ماستر اعجاز علي چنا، پ ٽ الف سڪرنڊ جي اڳوڻي صدر سيد نور محمد شاهه جيلاني، نامياري استاد غلام نبي ڪيريو ۽ استاد ڌڻي بخش چنا پنهنجي الڳ الڳ تقريرن ۾ چيو ته استاد حاجي خان ملاح پيغمبري پيشي سان بهترين نڀاءُ ڪندي 34 سال پرائمري ۽ 3 سال گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مجيد ڪيريو ۾ مستقبل جي معمار شاگردن کي تعليم ڏنائون. پاڻ ڊيوٽي جي حوالي سان پابند رهيا ۽ پنهنجي فرض جي ادائگي ۾ ڪڏھن به ڪوتاهي نه ڪيائون. تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاء  سندس ڪاوشون ساراهه لائق آهن. هنن چيو ته سائين حاجي خان ملاح جهڙن قابل استادن جي رٽائر ٿيڻ سان وڏو خال پيدا ٿي پوندو آهي، جيڪو گهڻي مشڪل سان ڀربو آهي.

استاد حاجي خان ملاح اسڪول جي سموري اسٽاف جا ٿورا مڃيندي چيو ته تعليم کاتي سان منهنجون 37 سالن جون يادون وابستا آهن، جيڪي منهنجي باقي زندگيء جو اثاثو آهن. هن چيو ته مون پنهنجي ڊيوٽي هميشه منصبِ پيغمبري سمجهي ادا ڪيو آهي ۽ رٽائر ٿيڻ وقت به منهنجو ضمير مطمئن آهي. ان کان اڳ کيس اجرڪن ۽ گلن جا تحفا ڏنا ويا. تقريب ۾ استادن، شاگردن ۽ ٻئي عملي ڀرپور شرڪت ڪئي.