بدين ۾ نوجوان پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، امڙ کي دل جو دورو

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) شاهي بازار پاڙي جي نوجوان پسٽل جو فائر ڪري خود ڪشي ڪري ڇڏي، امڙ کي دل جو دورو.

خبر موجب بدين جي شاهي بازار پاڙي ۾ پراڻي منڌرا اسپتال لڳ 20 سالن جي نوجوان بينڪ آفيسر جنيد اقبال پٽ مرحوم صديق ميمڻ گهر اندر پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.

نوجوان جي خودڪشي سبب سندس امڙ کي به دل جو دورو پئجي ويو، جنهن کي اسپتال داخل ڪيو آهي.

جڏهن ته نوجوان جي خودڪشي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

ٻئي طرف بدين پوليس سرزمين تي پهچي خودڪشي ۾ استعمال ٿيل پسٽل کان علاوه نوجوان جو موبائل فون تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.