مورو ڀرسان ڏهه ڏينهن اڳ روهڙي ڪئنال مان مليل لاش جي سڃاڻپ ڪنڊيارو واسي طور ٿي، قتل جو انڪشاف

news

مورو: 10 ڏينهن اڳ مورو ڀرسان يوسف ڏاهري موري وٽ روهڙي ڪئنال ۾ هڪ  شخص جو لاش لڙهندي ڏسي ماڻهن مقامي پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس ڳوٺاڻن جي مدد سان لاش کي پاڻي مان ٻاهر ڪڍي ورتو.

جنهن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جنهن جو نالو  نواب خان  ڪلھوڙو آهي، جيڪو وٽرنري ڊاڪٽر آهي، ڪنڊيارو جو رهواسي آهي، جنهن کي قتل ڪري لاش روهڙي ڪينال ۾ لوڙهي ڇڏيو هو، جيڪو لڙهندي مورو ڀرسان روھڙي ڪينال ۾ پهتو ته ماڻهن ۽ پوليس جي مدد سان لاش ٻاهر ڪڍي اسپتال ۾ رکيو ويو هو، جنهن جي ان وقت سڃاڻپ نه ٿي سگھي هئي، جنهن کانپوءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي وئي جنهن جي سڃاڻپ ٿي وئي.