مورو ۾ ٻارن جي ڳالهه تان ڀاڻيجن جو مامن تي تشدد، ٽي ڄڻا زخمي

news

مورو(رپورٽ:وحيد مستوئي)مورو ويجھو دورو بھڻ م ٻارن جي معمولي ڳالھ تان ڀاڻيجن پنھنجي مامن مٿان ڏنڊن ۽ لٺين جو وسڪارو ڪري ڏنو جنھن سبب غلام مجتبيٰ چانڊيو ۽ عبدالغفار ولد الھڏتو چانڊيو زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال مورو آندو ويو جتي ڊاڪٽر پاران طبي امداد ڏني وئي.

زخمين ٻڌايو تہ معصوم ٻار پاڻ ۾ وڙھيا جنھن تي اسان کي پنھنجي ڀاڻيجن سجاول، صوڀو ۽ ڀيڻيوي مزنو چانڊيو گھر ۾ داخل ٿي ڏنڊن، لٺين ۽ لتن مڪن سان تشدد ڪيو آھي، پوليس رپورٽ ورتي آھي پر جوابدارن کي گرفتار نہ ٿو ڪيو وڃي.

ھنن چيو تہ ھو بااثر آھن جيڪي اسان غريب مسڪين پورھيتن تي ظلم پيا ڪن ۽ اسان اھڙي رپورٽ سڌوجا ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي پر پوليس گرفتار ناھي ڪيو.

ھنن مطالبو ڪيو تہ مذڪورہ ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ اسان کي انصاف فراھم ڪندي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.