واسا حيدرآباد ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، اينٽي ڪرپشن پوليس پاران جاچ شروع

news

ڪراچي (رپورٽ: زاهد کوکر) واسا حيدرآباد ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اينٽي ڪرپشن پوليس اعليٰ سطحي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ذيلي اداري واٽر اينڊ سينيٽشن ايجنسي (واسا) ۾ من پسند ٺيڪيدار جي ملي ڀڳت سان پاڻي جي فراهمي جي ٺيڪن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي شڪايتن تي لاڳاپيل ادارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

واسا جي ايم ڊي مظفر ميمڻ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سليم، ڊائريڪٽر فنانس اڪرم، اڪائونٽس آفيسر محمد نفيس، روينيو کاتي جي ماتحت اداري اينٽي انڪروچمينٽ جي سپرنٽنڊنٽ/ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شاهد آرائين ۽ ميسر تضمير ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي مالڪ وقاص آرائين ۽ ٻين جي خلاف جاچ شروع ڪئي وئي.

ويجهڙائي ۾ جاري ٿيندڙ ٽينڊر ۾ گهٽ ٻولي ڏيندڙ ڪمپنين جي ڪاغذن ۾ مبينا هيراڦيري ڪري ٺيڪو تضمير ميسرس کي ڏنو ويو.

درخواستگذار موجب ميسر تضمير جي رجسٽريشن به غيرقانوني آهي ۽ رڪارڊ ۾ لڳايل سڀني ورڪ آرڊرز جون ڪاپيون به جعلي آهن.

روينيو کاتي جي ماتحت اداري اينٽي انڪروچمينٽ جي سپرنٽنڊنٽ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شاهد آرائين پنهنجي ڀاءُ وقاص آرائين، پٽ ۽ زال جي نالن تي تضمير ڪنسٽرڪشن ڪمپني رجسٽرڊ ڪرائي واسا ۾ بي تاج بادشاهه بڻجي ويو.

روينيو کاتي جي ماتحت اداري اينٽي انڪروچمينٽ ۾ سپرنٽنڊنٽ/ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شاهد آرائين پاڻ کي ميسرز تضمير ڪنسٽرڪشن ڪمپني جو ايم ڊي بڻائي رکيو آهي. هو پنهنجي نالي سان ٺاهيل اڪائونٽس مان رقم به وصول ڪندو آهي.

واسا جا پاڻي فراهمي ۽ نيڪال وارا سڀئي ٺيڪا ميسرز تضمير اينڊ ڪمپني کي الاٽ ٿيڻ لڳا.

ٻين ٺيڪيدارن جي لکت ۾ شڪايتن باوجود ايم ڊي واسا توجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

اينٽي ڪرپشن کاتي جي جاچ آفيسر واسا اختيارين ۽ ايم ڊي سيپرا کي خط لکي گذريل پنجن سالن جي الاٽ ڪيل ٺيڪن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.