جيڪب آباد ويجهو رستي جي معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، ٻارنهن ڄڻا زخمي

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ويجهو رستي جي معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 12 ڄڻا زخمي.

جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ عارب سولنگي ۾ روڊ جو ڪم بند ڪرائڻ لاءِ جکراڻي برادري جي ماڻھن سولنگي برادري جي ماڻھن مٿان حملو ڪري ڏنو، جنهن سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو.

جھيڙي سبب لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 12 ڄڻا محمد حسن، علي گل، امداد، غازي خان، عزيز، غلام فريد، امير بخش، سيف الدين ۽ منظور سولنگي جڏهن ته جکراڻي برادري جي احمدين، لال محمد، بالاچ زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي حد جي پوليس واردات واري هنڌ پهتي ته حملو ڪندڙ فرار ٿي ويا، پوليس زخمين کي سول اسپتال کڻائي منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي، جڏهن ته منظور سولنگي جي حالت خراب ھئڻ سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.

اسپتال ۾ سولنگي برادري جي نظر محمد سولنگي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ ۾ روڊ جو ڪم ھلي رھيو ھو جنھن جو ڪم بند ڪرائڻ لاءِ جکراڻي برادري جي ماڻهن حملو ڪري اسان جا ماڻھو زخمي ڪيا آهن. ھن ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته اسان مٿان حملو ڪندڙ سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ان سلسلي ۾ مولاداد ٿاڻي جي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سولنگي ۽ جکراڻي برادري جي ماڻهن ۾ رستي جي معمولي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو آهي، زخمين کي ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو آهي، ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ اچڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.