بلوچستان ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪوشش ناڪام، وڏي انگ ۾ ڌماڪيدار مواد هٿ

news

ڪوئٽه: (خميس 22 آڪٽوبر 2020ع) پاڪستان جي  ڳجهن ادارن بلوچستان ۾ ڪامياب آپريشن ڪندي دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بنائي ڇڏيو آهي.

پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان طرفان قمردين ڪاريز ۾ لڪايل  ڌماڪيدار مواد جو وڏو ذخيرو هٿ ڪري ورتو آهي. انٽيليجنس ادارن ۽ سيڪيورٽي فورس ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي بلوچستان جي علائقي قمردين ڪاريز ۾ آپريشن ڪيو. سيڪيورٽي فورس جي ڪارروائي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان طرفان بارودي مواد ذخيرو ڪرڻ جي ڄاڻ تي ڪئي وئي.

هن ڪامياب ڪارروائي جي نتيجي ۾ هٿ ڪيل بارودي مواد ۾ 6 کان 8 ڪلو گرام وزني تيار بارودي سرنگون شامل آهن جڏهن ته بارودي سرنگن ۾ استعمال ٿيندڙ ڊيٽونيٽرز، بال بيرنگز، تارون ۽ ريموٽ سان ڀريل بيگ به هٿ ڪيو ويو.

امن دشمنن طرفان بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن جي لاءِ امڪاني طور تي اهو بارودي مواد تازو ئي غدوانا جي علائقي ذريعي افغانستان آندو ويو جنهن کي زوب ۽ ڪوئٽه ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين جي لاءِ استعمال ڪرڻو هو.