لاڙڪاڻو جي ڪچي ۾ پوليس آپريشن، ڇهه ڌاڙيل مارجي ويا

news

لاڙڪاڻو(رپورٽ:ظهير ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان ڪيٽي ممتاز جي ڪچي واري علائقي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش جي سربراهي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو ويو جتي پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ بدنام ڌاڙيل اقبال ناريجو سندس ساٿي ڌاريل پٺاڻ ناريجو سميت 6 ڌاڙيل مارجي ويا آهن.

پوليس ڌاڙيلن وٽان ٻہ ايئر ڪرافٽ گن،چار جي ٿري، هڪ راڪيٽ لانچر ۽ وڏي تعداد ۾ گوليون هٿ ڪري ورتيون آهن، پوليس مارجي ويل ڌاڙيلن جا لاش لاڙڪاڻي کڻائي اچي رهي آهي، مارجي ويل ڌاڙيل پوليس کي اغوا، ڌاڙن، قتل ۽ پوليس مقابلن سميت سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل هئا.