لاڙڪاڻو: باقراڻي جي ڳوٺ رحيم ٻگهيو ۾ هٿياربندن هٿان چوڪيدار ۽ سندس زال قتل

news

لاڙڪاڻو: باقراڻي جي ڳوٺ رحيم ٻگهيو ۾ هٿياربندن هٿان چوڪيدار ۽ سندس زال قتل

لاڙڪاڻو(رپورٽ:ظهير ابڙو) باقراڻي ٿاڻي جي حد ۾ قائم ڳوٺ رحيم ٻگهيو جي هائي اسڪول جي ڇت تان ٻن زال مڙسن جا گوليون لڳل لاش ھٿ آيا آهن، جن ۾ 60 ورھين جو پرائيويٽ چوڪيدار ابراھيم جتوئي ۽ سندس زال 55 ورھين جي فرزانا شامل آھن.

گورنمينٽ ھاءِ اسڪول رحيم ٻگھيو جي ھيڊ ماستر ضمير حسين پيرزادو ٻڌايو ته محمد ابراھيم جتوئي 13 سالن کان پرائيويٽ طور چوڪيدار رکيل آھي جنهن کي 6 ھزار روپيا پگھار ڏني ويندي هئي، اڄ صبح جو اسڪول کوليو ته سندن جا لاش هٿ آيا.

مرحوم سان گڏ سندس 2 پوٽا نينگر به گڏ هئا جن ٻڌايو ته رات نامعلوم هٿيار بندن فائرنگ ڪري هنن کي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي اطلاع ملڻ تي پوليس پھتي آهي، لاش اڃان تائين موقعي واري هنڌ پيل آهن.