عمير جسوال ۽ ثنا جاويد تمام گهڻيون محبتون ڏيڻ تي مداحن جو ٿورو ادا ڪيو

news

ڪراچي: (خميس 22 آڪٽوبر 2020ع) نئين نويلي شادي شده جوڙي عمير جسوال ۽ ثنا جاويد سندن زندگي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندڙ ۽ تمام گهڻيون محبتون ڏيڻ تي مداحن  جو ٿورو ادا ڪيو آهي.

عمير جسوال گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي پنهنجي گهر واري ثنا جاويد سان گڏ سيلفي  شيئر ڪئي ۽ ان سمورن ماڻهن جو ٿورو ادا ڪيو جنهن کين نئين زندگي جي شروعات ڪرڻ تي تمام گهڻيون مبارڪبادون ڏنيون هيون. عمير جسوال لکيو آهي ته اوهان سڀني جي محبتن ۽ دعائن جا ٿورائتا آهيون. اسان کي خوشي آهي ته اسان  جي چوڌاري تمام گهڻو پيار ڏيندڙ ماڻهو موجود آهن.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جي خواهش هئي ته اسان  انهن سڀني ماڻهن جو ٿورو ادا ڪريون جن اسان کي دعائن ۾ ياد رکيو. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ گلوڪار عمير جسوال ۽ اداڪاره ثنا جاويد نڪاح جي تقريب ۾ هڪ ٿي ويا هئا. ٻنهي سوشل ميڊيا تي پنهنجي شادي جون تصويرون شيئر ڪندي خدا جو شڪر ادا ڪيو هو. هن ٻنهي جي شادي جي خبر ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي ڪجهه ئي منٽن ۾ وائرل ٿي ويون هيون ۽ مداحن طرفان کين نئين زندگي جون مبارڪون ڏنيون ويون هيون.