هلندڙ صورتحال دوران نيب کي برداشت نٿو ڪري سگهجي: مولانا فضل الرحمان

news

لاڙڪاڻو: (خميس 22 آڪٽوبر 2020ع) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته صورتحال اهڙي ناهي جو قومي احتساب بيورو(نيب) کي برداشت ڪري سگهجي.

پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پوري ملڪ ۾ بيچيني واري صورتحال آهي ۽ ملڪ ۾  ڪابه حڪومت ناهي سمورو انتظامي ڍانچو ٽڙيل پکڙيل نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته  صورتحال اهڙي ناهي جو نيب کي برداشت ڪري سگهجي ۽ هاڻ اسان جيلن  ۾ وڃڻ لاءِ به تيار آهيون.

اسان پوري قوم  جي  جمهوري حقن لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهيون  ڪڌيون حرڪتون ڪرڻ سبب ملڪ ۾ انتشار  پکڙجندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪراچي واقعي تي وفاق آجو نٿو ٿي سگهي جڏهن ته سنڌ پوليس جو رد عمل ان ڳالهه جي نشاندهي آهي ته پاڻي مٿي کان گذري چڪو آهي. هاڻ ڪراچي واقعي تي وفاق جان آجي نٿو ڪرائي سگهي.

هن چيو ته حڪمرانن جي نااهلي سان ملڪ جي معيشت تباهه ٿي  هاڻ اسان ان جي بحالي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون. پي ڊي ايم جي سربراهه وڌيڪ چيو ته حڪومت جيڪڏهن اسان کي سيڪيورٽي نٿي ڏئي سگهي ته اسان کي اجازت ڏئي اسان پنهنجي سيڪيورٽي جو انتظام پاڻ ڪري وٺنداسين.

پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي سموريون پارٽيون گڏ آهن جڏهن ته ادارن جي حڪومتي معاملن ۾ مداخلت نه هجڻ گهرجي.