ٽنڊو محمد خان ۾ پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان جي نانگو شاھه روڊ تي  پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو، پوليس پاران فائرنگ ۾ ھڪ ڦورو الھه بچايو ولد عارب ملاح  کي زخمي حالت ۾ ھڪ عدد پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ.

خبر موجب گذريل رات دير سان پوليس ۽ ڦورن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي 30 ڪيسن ۾ گھربل ڦورو ھٿيارن سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.

ٻئي طرف پوليس جو چوڻ ھو ته ڄاڻايل ڦورو علائقي لاءِ خطرناڪ ناسور بڻيل ھو، ڪيترائي ڀيرا مختلف روڊن تي ڦرون ڪري امن امان خراب ڪندو رھيو، رات ڦر جي نيت سان روڊ بلاڪ ڪري بيٺا رھيا پوليس جي گشت ڪرڻ وقت ان تي نانگو شاهه روڊ تي فائرنگ ڪئي وئي، جوابي فائرنگ ۾ خطرناڪ ڦورو الھه بچايو عارب ملاح گرفتار ٿي ويو، جنھن کي زخمي حالت ۾ اسپتال آندو ويو.

ٽنڊو محمد خان پوليس سندس خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي.