ڄامشورو جي قديمي ڳوٺ عبدالله چاوڙو جي مالڪي تان عدالت ۾ درخواست داخل، نوٽيس جاري

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڄامشورو جي قديمي ڳوٺ عبدالله چاوڙو ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا پاران زمين جي مالڪي ڄاڻائي اڏاوتي ڪم ڪرڻ خلاف يونيورسٽي انتظاميا ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ عدالت تائين پهچي وئي آهي.

عدالت سڳوري ڳوٺاڻي جي درخواست تي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، ڊائريڪٽر اسٽيٽ، سيڪيورٽي انچارج ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو سميت 6 ڄڻن کي 27 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

ڳوٺاڻي جاويد حسين شورو پاران ايڊيشنل سيشن جج 2 ڪوٽڙي جي عدالت ۾ زمين جي مالڪي جي دعويٰ ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سندن اباڻي کاتي واري زمين تي لمس يونيورسٽي انتظاميا قبضو ڪرڻ لاءِ اڏاوتي ڪم ڪيو، جنهن خلاف احتجاج ڪرڻ سان گڏ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پوليس وٽ وياسين پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي يونيورسٽي انتظاميا جي ڌر بڻجي وئي.

اهڙي درخواست کانپوءِ ايڊيشنل سيشن جج 2 ڪوٽڙي جي عدالت نوٽيس جاري ڪندي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، ڊائريڪٽر اسٽيٽ، سيڪيورٽي انچارج ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو سميت 6 ڄڻن کي 27 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.