مورو ۾ ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، ڊرائيور فرار

news

مورو(رپورٽ:وحيد مستوئي) مورو ۾ قومي شاھراھ دادو باءِ پاس وٽ تيز رفتار ٽرالر جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر سبب ھڪ ڄڻو مير خان مري فوت جڏهن ٻہ ڄڻا عثمان ۽ شيراز مري زخمي ٿي پيا جن کي مورو تعلقي اسپتال آندو ويو ۽ زخمين کي طبي امداد ڏني وئي جڏھن تہ فوت ٿيندڙ جون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

ھوڏانھن ٽرالر جو ڊرائيور فرار ٿي ۽ پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي، ياد رھي تہ فوت ٿيندڙ ۽ زخمين کي ايمبولنس جي سھولت نہ ملڻ سبب رڪشا تي اسپتال پھچايو ويو، حادثي جو شڪار درياء خان مري کان سيوھڻ وڃي رھيا ھئا.