ترڪ صدر طيب اردگان ڪيتري پگهار ٿو کڻي؟

news

استنبول: ترڪي جي صدر طيب اردگان جي پگهار ۾ ايندڙ سال 8 سيڪڙو اضافو ٿيندو.

ترڪ ميڊيا موجب جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ پارٽي (اي ڪي پي) جي سال 2021 جي بجيٽ موجب ترڪ صدر طيب اردگان جي پگهار ۾ 6 هزار 750 ليرا يعني 863 ڊالرز جو اضافو ٿيندو..

ترڪي جي سرڪاري انگن اکرن موجب ترڪ صدر جي ماهوار پگهرا 409400 ليرا آهي جيڪا آمريڪي ڊالرز ۾ سوا 6 هزار ڊالرز جي لڳڀڳ آهي.

ترڪ ميڊيا موجب نئين بجيٽ تحت اياون صدر لاءِ مختص بجيٽ ۾ مجموعي طور تي 886 ملين ليرا اضافو ڏٺو ويو آهي جنهن ۾ آفيس لاءِ ڪل رقم 4.39 ملين ليرا ٿيندي.


.