ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪو، ٻه ماڻهو اجل جو شڪار، ڏهه ڄڻا زخمي

news

ڪوئٽا: بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئٽا ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

ڌماڪو ڪوئٽا جي هزار گنجي ۾ ٿيو، جنهن کانپوءِ ريسڪيو، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري جاءِ تي پهچي ويا.

پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو اجل جو شڪار جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته ڌماڪو ڪندڙ مادو موٽر سائيڪل ۾ هو.

ياد رهي ته حڪومت مخالف اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) اڄ ئي پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي جڏهن ته صوبائي حڪومت پهريان ئي نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي(نيڪٽا) طرفان جاري سيڪيورٽي الرٽ جي بنياد تي جلسو نه ڪرڻ جو چيو هو.