اڏيرولال ۾ حڪومت پاران اعلانيل اٽي جي اگهه تي عمل نه ٿيو، واپارين جي هڪهٺي قائم

news

اوڏيرولال(رپورٽ حافظامتياز علي چنا) سنڌ حڪومت جي جاري ڪيل نوٽيفيڪشن  موجب 42 رپيا ڪلو اٽو وڪرو ڪرڻ واري اعلان کي اوڏيرولال اسٽيشن، بائو خان پٺاڻ، اوڏيرولال وليج  ۽ شير محمد ٺوڙها ۾  فلور ملز مالڪن پنهنجي هڪ هٺي قائم ڪري سنڌ سرڪار جي حڪم کي مڃڻ کان انڪار ڪندي اٽو سستو ڪرڻ بجاءِ 65 کان 70 رپيا في ڪلو وڪرو ڪرڻ لڳا آهن جنهن سبب غريب ۽ پورهيت طبقو سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳو آهي.

ذريعن موجب ڪڻڪ جي لٿي دوران فلور ملز مالڪن هزارين مڻ ڪڻڪ سستي اگهه تي خريد ڪري گودام ڀري ڇڏيا آهن جنهن باوجود به فلور مل مالڪن کي سرڪاري کوٽا تحت ڪڻڪ فراهم ڪئي پئي وڃي پر ان باوجود به فلور مل مالڪ حڪومت پاران جاري ڪيل اگهه تي اٽو وڪرو ڪرڻ بجاءِ عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن.

ٻئي طرف ضلعي انتظاميه به منافعي خورفلور مل مالڪن  کي ٻنجو ڏيڻ  ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ حڪومت پاران اعلانيل 42 رپيا اٽو في ڪلو وڪرو ڪرائڻ لاءِ فلور مل مالڪن سميت ڪنهن به دڪاندار خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي جنهن ڪري عام واهپي جي شين  ۾ به ڳاٽي ٽوڙ اضافو  ٿي ويو آهي جنهن ۾  مرغي، ٽماٽا، گجر، آلو، مٽر، ڪريلا ۽ کنڊ سميت ٻيون ڀاڄيون عوام جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن، هتان جي رهواسين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته  فلور مل مالڪن سميت سبزي فروشن خلاف پڻ ڪارروائي ڪري حڪومت پاران جاري ڪيل ريٽ لسٽ تي عمل ڪرايو وڃي.