ميڪرون جي بيان کانپوءِ فرانسيسي شين جي بائيڪاٽ واري مهم شروع

news

قاهره:فرانسيسي صدر ميڪرون جي اسلام مخالف بيان کانپوءِ ڪيترن ئي ملڪن ۾ فرينچ شين جي بائيڪاٽ واري مهم شروع.

عرب ميڊيا موجب عرب ملڪن جي ٽريڊ ايسوسيئيشنز ميڪرون جي اسلام مخالف بيان کان پوءِ احتجاج طور فرانسيسي شين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا تي هلندڙ ان مهم ۾ عرب ملڪن ۽ ترڪي ۾ سپر مارڪيٽس کان فرانسيسي شين جي بائيڪاٽ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ 

BoycottFrenchProducts# سان گڏ انگريزي ۾ مهم پئي هلائي وڃي.

ان کان علاوه ڪويت، اردن، سعودي عرب، مصر، الجيريا ۽ ٻين ملڪن ۾ عرب ملڪن جي هيش ٽيگ سان به مهم هلائي پئي وڃي.