پنوعاقل ۾ پيءُ ۽ پٽ جي قتل واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاج

news

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پنوعاقل ۾ ٻن مزدور پيءُ پٽ جي قتل واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شھر ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو، پريس ڪلب آڏو احتجاج، نعريبازي، جوابدار گرفتار ڪرڻ جي گهر.

10 ڏينھن اڳ ماڪا ڳوٺ ۾ ھٿياربندن ھٿان قتل ٿي ويل مزدور پرويز چاچڙ ۽ سندس والد اربيلو چاچڙ جا قاتل گرفتار نہ ٿي سگھيا. ان سلسلي ۾ مقتولن جي وارثن ۽ چاچڙ برادري جي ماڻھن جمال خان، ممتاز، عبدالعزيز، دلدار چاچڙ، دوست محمد، امان اللہ، اعجاز، اسماعيل،  پناهه چاچڙ ۽ ٻين پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شھر ۾ ريلي ڪڍي بائجي پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي.

ريلي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي، جتي مظاھرين احتجاج ڪندي دانھيندي چيو ته بائجي پوليس جوابدارن جي سھولتڪار بڻيل آھي، ھٿياربندن اسان جا ناحق ماڻھو ماريا آھن.

متاثرن دانھيو تہ 10 ڏينھن گذري وڃڻ باوجود پوليس ڪيس جو مک جوابدار گلشن ماڪو گرفتار ڪري نه سگھي آھي، مظاھرين ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر سميت اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته سمورن جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪري ڏوھارين جي ساٿاري ايس ايڇ او بائجي کي ھٽايو وڃي، ٻي صورت م قومي شاھراهه تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪنداسين.