وفاقي وزير محمد ميان سومرو سان امڙ جي لاڏاڻي تي صدر مملڪت، گورنر ۽ ٻين جي تعزيت

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد صدر پاڪستان، خاتون اول ۽ گورنر سنڌ جي جيڪب آباد آمد، وفاقي وزير سان امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت، جيڪب آباد شھر ڪنڊيدار تارن سان سيل، عوام عذاب ۾ مبتلا.

وفاقي وزير محمد ميان سومرو سان امڙ جي لاڏاڻي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي، خاتون اول، گورنر سنڌ عمران اسماعيل، ايم پي اي خرم شير زمان، ايم پي اي شھريار شر الحمد ھائوس پھچي وفاقي وزير محمد ميان سومرو، ڀيڻ مليحه سومرو ۽ مولا بخش سومرو سان اڳوڻي ضلعي ناظمه بيگم سعيده سومرو جي وفات تي تعزيت ڪئي.

صدر جي آمد جي موقعي تي قومي شاهراهه سميت شھر جي مختلف روڊن کي ڪنڊيدار تارون ھڻي سيل ڪيو ويو، پنج ڪلاڪن تائين شھر جا روڊ رستا بند ٿيڻ سبب عوام ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو، صدر عارف علوي جي آمد جي موقعي تي الحمد ھائوس ۾ شريڪ سردار سخي عبدالرزاق کوسو، سردار طارق خان لھر، مير اصغر خان پنهور، سردار بشير ڪٽوھر ۽ حاجي غلام نبي رند سميت ٻين صدر آڏو شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا.

اتحادين صدر کي شڪايت ڪندي چيو ته ايس ايس پي جيڪب آباد محمد طارق نواز، ڊي سي جيڪب آباد غضنفر علي قادري سميت ڪامورا ھڪ ئي پارٽي جي ماڻھن جا حڪم مڃين ٿا اسان جا جائز ڪم نظرانداز ڪيا پيا وڃن، شھر کنڊر بڻجي ويو آهي، شھر جي روڊ رستن قبضا مافيا قبضائون ڪري ويٺا آهن، انھن خلاف ڪارروائي نه ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته جيڪب آباد جي ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊ جاري ڪيا وڃن، جيئن شھر جي روڊ رستن سميت ٻيا ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن.

ان سلسلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ مولا بخش سومرو ٻڌايو ته صدر عارف علوي کي اتحادين پاران ڪامورن ۽ قبضا مافيا بابت شڪايتون ڪيون ويون آهن. ھن چيو ته صدر عارف علوي يقين ڏياريو ته اڳ به جيڪب آباد آيو ھئس جيڪب آباد جي ترقياتي منصوبن جي لاءِ جلد فنڊز جاري ڪيا ويندا.