پشاور جي مدرسي ۾ بم ڌماڪو، ست ڄڻا شهيد، ستر زخمي

news

پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ ڪوهاٽ روڊ تي واقع مدرسي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا شهيد جڏهن ته 70 کان وڌيڪ زخمي.

ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس، سيڪيورٽي فورسز ء۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون جتي امدادي ڪارروايون جاري آهن.

ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان موجب دير ڪالوني مدرسي ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا شهيد جڏهن ته 70 کان وڌيڪ زخمي آهن، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته زخمين ۾ گهڻو ڪري سڙيل آهن جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ مدرسي جا 19 ٻار زخمي ٿيا آهن.