پشاور ڌماڪو: متاثرين ۽ شهيدن جي وارثن لاءِ امدادي پيڪيج جو اعلان

news

پشاور: (اڱارو 27 آڪٽوبر 2020ع) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان مدرسي ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي متاثرين ۽ شهيدن جي وارثن جي لاءِ امدادي پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان ڌماڪي جي متاثرين ۽ شهيدن جي وارثن لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي تحت شهيدن جي گهر ڀاتين کي 5 لک جڏهن ته زخمين کي 2 لک روپيه ڏنا ويندا.

محمود خان جو چوڻ آهي ته پشاور ڌماڪي جي متاثرين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. امن وارو عمل جاري رکنداسين. واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي جلد گرفتار ڪري وٺنداسين.

ياد رهي ته اڄ صبح جو پشاور مدرسي ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي نتيجي ۾7 ٻارڙا شهيد ۽ 70 زخمي ٿي پيا پوليس جو چوڻ آهي ته مدرسي ۾ آئي اي ڊي ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جي زخمين ۾ وڏو انگ ٻارن جو آهي.