سنڌ جا حق ڪير به کسي نه ٿو سگهي، زيادتي ڪئي وئي ته احتجاج ڪنداسين: آغا سراج دراني

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) سنڌ جا حق سنڌ کان ڪير به کسي نه ٿو سگهي، جيڪڏهن سنڌ سان زيادتي ڪئي وئي ته ھر محاذ تي قانوني جنگ ۽ احتجاج ڪنداسين.

اھڙن خيالن جو اظهار سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي امڙ جي لاڏاڻي تي سندن ڀاءُ خالد جکراڻي سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

ھن چيو ته سياست ۾ ڪجهه ڳالهيون اھڙيون به آھن جن ۾ ڪابه حقيقت ناهي ھوندي، سياستدان ھڪٻئي جي ساک متاثر ڪرائڻ لاءِ اھڙيون ڳالھيون ڪندا آهن پر طاقت جو سرچشمو عوام آهي، وفاقي سرڪار جي نااهلي سبب ملڪ ۾ مھانگائي غريب ۽ پورھيت طبقي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي.

نيب سياسي انتقام وٺي رھيو آھي ان جو ثبوت آئون اوھان جي اڳيان ويٺو آهيان، اسان ھر انتقام سھنداسين پر قيادت جي حق سچ جي ڏيکاريل راهه نه ٿا ڇڏي سگهون ھر مشڪل کي منھن ڏيڻ ڄاڻيندا آهيون، ان موقعي تي مير امان الله پٺاڻ، مير صابر جکراڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.