داد لغاري ۾ ضلعي انتظاميا پاران سستي اٽي جو اسٽال لڳايو ويو

news

داد لغاري (رپورٽ: اياز احمد پتافي) داد لغاري ۾ مختيارڪار ڏھرڪي اشرف پتافي پاران سستي اٽي جو اسٽال لڳايو ويو.

ڊي سي گھوٽڪي جي حڪم تحت ضلعي گھوٽڪي جي ٻين شھرن جيان داد لغاري شھر اندر به مختيارڪار ڏھرڪي اشرف پتافي پاران پاڻ پھچي سستي اٽي جو اسٽال لڳايو ويو، اسٽال تي موجود اٽي جي ڏهه ڪلو جو ٿيلھو 450 روپيا ڏنو ويو، سستو اٽو خريد ڪندڙ ماڻھن جي لڳايل اسٽال تي سستو اٽو خريد ڪرڻ لاءِ ماڻھن جي رش لڳي وئي.

ان موقعي تي مختيارڪار جو چوڻ ھو تہ ملڪ اندر ڪڻڪ جي کوٽ ۽ وڌندڙ مھانگائي سبب مسڪين ماڻھن لاءِ اٽو خريد ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آھي، جنھن ڪري ڊي سي گھوٽڪي جي حڪم تي ضلعي جي ٻين شھرن جيان داد لغاري شھر اندر به سستي اٽي جو اسٽال لڳايو ويو آھي، جنھن ۾ ماڻھن کي مناسب ريٽ تي اٽو ڏنو ويندو جئين ھو سستو اٽو خريد ڪري پنھنجي پريشاني م گھٽتائي ڪري سگھن.

ان موقعي تي خريدارن جو چوڻ ھو تہ ضلعي انتظاميا جي اھڙي عمل جي ساراهه ڪيون ٿا، جنھن عوام کي ريليف ڏيندي سستي اٽو جو اسٽال لڳايو آھي. انھن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان اھو به مطالبو ڪيو ته سستي اٽي جيان ٻين شين جھڙوڪ کنڊ ۽ فروٽ جا به سستا اسٽال لڳائي عوام کي رليف مھيا ڪيو وڃي.