سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو آن لائين اجلاس ٿي گذريو

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو آن لائين اجلاس. تدريسي سال 2020-21 جي انڊر گريجوئيٽ جي داخلا پاليسي جي منظوري. يونيورسٽي جي عمرڪوٽ سب ڪئمپس ۾ بي ايس آئي ٽي پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان.

خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو آن لائين اجلاس وائيس چانسلر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اجلاس ۾ ڪورونا سبب مارچ 2020 کان آن لائين هلايل تدريسي عمل، ڪلاس توڙي امتحانن بابت کنيل قدمن جي رپورٽ جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ زرعي يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري، خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ ۽ سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ تدريسي سال 21_2020 جي انڊر گريجوئيٽ پروگرام تحت نئين داخلا پاليسي بابت منظوري ڏني ويئي.

ڪورونا خدشن سبب صرف هن سال انٽري ٽيسٽ وٺڻ بجاءِ مئٽرڪ ۽ انٽر جي قابليت جي بنياد تي داخلا ڏني ويندي. اهڙي ريت 23 نومبر کان ٿيندڙ امتحان مرحليوار ورتا ويندا، پهرين مرحلي ۾ ٿرڊ ايئر ۽ فائنل جي شاگردن جا امتحان ورتا ويندا. بعد ۾ پهرين ۽ ٻئين سال جي شاگردن کي هاسٽلن ۾ گهرائي انهن جا امتحان شيڊيول موجب ورتا ويندا.

هوڏانهن اڪيڊمڪ ڪائونسل يونيورسٽي جي عمرڪوٽ سب ڪئمپس ۾ هن سال کان بي ايس آئي ٽي پروگرام شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني، جنهن لاءِ 100 سيٽون به رکيون ويون آهن.

اجلاس ۾ مختلف فيڪلٽين جا ڊينز ڪاليجن جا پرنسپال، ڊائريڪٽر، رجسٽرار ۽ وائيس چانسلر جو تدريسي معاملن جو صلاحڪار ۽ مختلف شعبن جا چيئرمين پڻ موجود هئا.