ڄام نواز علي ويجهو تيز رفتاري سبب چنگچي رڪشا ڪلٽي، ڇهه ڄڻا زخمي

news

ڄام نواز علي (رپورٽ:خالد انور مگسي) ڄام نوازعلي  ويجهو مين روڊ تي  تيز رفتاري سبب چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ محمود چوھاڻ، ميرحسن مري، طالب راجپوت، ناصر راجپوت سميت  ڇھ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن.

زخمين کي علاج لاءِ ٽنڊوآدم  تعلقه  اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي هڪ ڄڻي مير حسن مري جي حالت خراب ٿيڻ سبب کيس حيدر آباد نيو ويو آهي.