سڄي ملڪ ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صه جن جي ولادت جو جشن ملهايو پيو وڃي

news

اسلام آباد: (جمعو 30 آڪٽوبر 2020ع) ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صه جن جي ولادت جو جشن سڄي ملڪ  ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. سڄي ملڪ ۾ مسجدن، گهرن ۽ سرڪاري آفيسن کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي. ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد ميلادالنبي صه جي موقعي تي ريليون ۽ جلوس ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي.

سنڌ ۾ هڪ ڏينهن لاءِ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، مٽياري، ڪشمور، خيرپور، گهوٽڪي ۽ ٻين شهرن ۾ جشن عيد ميلادالنبي جي موقعي تي ريليون ڪڍيون ويون، جڏهن ته مدئجي، ميرواهه گورچاڻي، روهڙي، ڳڙهي ياسين، ڪوٽ غلام محمد، ڊگهڙي، ڏهرڪي، کپرو، ٺارو شاهه،  ڪنڊيارو ۽ ٻين شهرن ۾ جلوسن دوران حضور پاڪ صه کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

عاشقان رسول طرفان حضرت محمد مصطفيٰ صه کي درود ۽ سلام سان ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.  وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 جڏهن ته  صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي. جشن عيد ميلادالنبي جي موقعي تي لاهور، ڪينٽ، يادگار شهداءَ تي پاڪ فوج جي جوانن ڏينهن جي شروعات 21 توپن جي سلامي ڏئي ڪيو. 

مرڪزي جلوسن جي رستن ۽ گذرگاهن جي سيڪيورٽي لاءِ 5 هزار جي ويجهو اهلڪارن سميت ايس آءِ يو جا ماهر ۽ نشاني باز به مقرر ڪيا ويا آهن. جلوس جي موقعي تي ايم اي جناح روڊ جي ڀرپاسي جون سموريون گهٽيون ڪنٽينر لڳائي بند ڪيون ويون آهن. جڏهن ته جلوسن جي گذرگاهن ۾ ايندڙ دڪانن کي به سيل ڪيو ويو آهي.