دادلغاري ۾ جي يو آءِ پاران گستاخ خاڪن خلاف احتجاج، فرانس سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو مطالبو

news

دادلغاري (رپورٽ:اياز احمد پتافي) دادلغاري ۾ جميعت علماءِ اسلام جي سڏ تي دادلغاري شهر ۾ فرانس ۾ شايع ٿيندڙ گستاخ مواد خلاف ريلي ڪڍي وئي، ريلي گهوٽڪي ضلعي امير مولانا اسحاق لغاري جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي، ريلي ۾ ماڻھن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي مولانا اسحاق لغاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فرانس پاران نبي پاڪ صه جي حوالي سان گستاخ مواد شايع ڪرڻ تي پوري امت مسلمان جي دل آزاري ٿي آهي، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪريون ٿا ته فرانسيسي سفير کي تڙي ملڪ مان ڪڍيو وڃي ۽ عالمي ليول تي لاڳاپا ختم ڪيا وڃن، جڏهن ته مظاهرين پاران ريلي دوران فرانسيسي پروڊڪٽ کي باھ ڏئي احتجاج ريڪارڊ ڪرايو.