ڪراچي ضلعي اوڀر ۾ اٽو سستو نه ٿيو، عوام مهانگو وٺڻ تي مجبور

news

ڪراچي(رپورٽ: نبي بخش خاصخيلي) ڪراچي ضلع اوڀر جي علائقن ايوب ڳوٺ، لاسي ڳوٺ، سکيا ڳوٺ، نور خان برفت، وزير ڳوٺ، احسن آباد، ڌڻي بخش ڳوٺ، فقيرا ڳوٺ، گل ڳوٺ، جھان آباد، سچل ڳوٺ، عبداللھ شاھ غازي ڳوٺ ۽ ٻين آس پاس وارن شھرن توڙي ڳوٺن ۾ دڪاندارن ۽ چڪي  مالڪن حڪومت پاران اٽو 41 رپيه سستو ڪرڻ واري اعلان کي ھوا ۾ اڏائي ڇڏيو، علائقي ۾ اٽو 65 کان وڌائي 75 رپيا وڪرو ٿيڻ لڳو، جنهن ڪري رھواسي مھانگو اٽو وٺڻ تي مجبور آھن. 

لاڳاپيل ادارا چڪي مالڪن ۽ دڪاندارن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھن، دڪاندارن ۽ چڪي مالڪن  اٽي جو ھٿرادو ريٽ مقرر ڪري عوام کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ لڳا آھن، لاڳاپيل ادارا دڪاندار ۽ چڪي مالڪن اڳيان بيوس نظر اچي رھيا آھن.

علائقي واسين سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي اپيل ڪئي آھي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اٽي جو وڌيڪ اگھ وٺندڙ منافعي خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪري عوام کي رليف فراھم ڪيو وڃي.