جيڪب آباد: نقلي ٻج ڀاڻ سبب ساريون پاپڙ ٿي ويون، آبادگارن جو احتجاج

news

جيڪب آباد(رپورٽ: عبدالنبي مگسي) زارعت کاتي جي نااهلي سبب ڀاڻ ۽ نقلي ٻج وڪرو ڪندڙ مافيا ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن، ڊيلرن پاران هائبرڊ نالي سان چائنا جو نقلي ٻج وڪرو ڪرڻ سبب هارين ۽ آبادگارن جا لاھ نڪري ويا آهن، جيڪب آباد جي مختلف علائقن ڪريم بخش، نورواهه، ڪٽا شاخ سميت ٻين ھنڌن تي سوين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل پاپڙ ٿي ويو آهي، ساريالو فصل پاپڙ ٿيڻ سبب هارين ۽ آبادگارن کي ڪروڙين رپين جي نقصان پئجي ويو ۽ سال پڻ ضايع ٿي ويو آهي، ڪٽا شاخ جي آبادگارن ۽ هارين پاران پاپڙ ٿيل فصل جا ٻوٽا کڻي ڪري احتجاج ڪيو ويو ۽ نقلي ٻج وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي.

انهيءَ موقعي تي هارين ۽ آبادگارن عبدالفتح ماڇي، محمد ايوب کوسو، اياز سرڪي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته زارعت کاتي جي نااهلي سبب اسان کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي، 50 ھزار کان مٿي في مڻ جي حساب سان چائنا جپ ٻج خريد ڪيو ويو، ڊيلرن نقلي ٻج من پسند اگهن تي وڪرو ڪري اسان کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي، بعد ۾ آبادگار ۽ ھاري گڏ ٿي دلمراد ٿاڻي تي پھچي شھباز فرٽلائيزر جي مالڪ وجئه ڪمار خلاف رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. 

ان سلسلي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت منير احمد جماڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نقلي ٻج وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو اختيار اسان وٽ نه آهي، نقلي ٻج وڪرو ڪندڙ ڊيلر مافيا خلاف وفاقي اداري سيڊ سرٽيفڪيٽ اينڊ رجسٽريشن ڊپارٽمينٽ جي اختيار ۾ آهي، ڊيلرن خلاف ڪافي ڀيرا ليٽر لکڻ باوجود وفاقي اداري جا عملدار نه پهتا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته آبادگارن جو نقصان سندن غلطي سبب ٿيو آهي، چائنا جو ٻج دير سان پوکيو ويندو آهي پر هنن آڳاٽو پوکيو. 

ان باوجود به شھر جي مختلف ڊيلرن جي دڪانن تي ڇاپا هڻي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، سارين جي پاپڙ ٿيڻ جو سبب موسم جي تبديلي به آهي جنهن جي ڪري آبادگارن ۽ ھارين جو نقصان ٿيو آهي.