ڪوئٽه: صحافي شاهينه شاهين قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، هڪ جوابدار گرفتار

news

ڪوئٽه: (اربع 04 نومبر 2020ع) تربت ۾ 2 مهينا اڳ قتل ڪيل  صحافي شاهينه شاهين بلوچ جي قتل واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي اهي ۽ ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار صميد سعيد کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس پي ڪيچ نجيب پندراني موجب شاهينه بلوچ جي والده جي مدعيت ۾ شاهينه بلوچ جي مڙس محراب گچکي ۽ ان جي دوست صميد سعيدجي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

نجيب پندراني موجب جوابدار صميد سعيد ضمانت تي هو ۽ گذريل ڏينهن سيشن جج تربت رفيق لانگو جي عدالت ۾ پيش ٿيو. جوابدار جي ضمانت رد ٿيڻ تي ان کي عدالت مان گرفتار ڪيو ويو  جڏهن ته مرڪزي جوابدار محراب گچڪي اڃان تائين فرار آهي.

هن جو چوڻ آهي ته مرڪزي جوابدار جي گرفتاري جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ محراب گچڪي کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. ياد رهي ته تربت سان تعلق رکندڙ مصوره ۽ صحافي شاهينه شاهين بلوچ کي ٻه مهينا اڳ 5 سيپٽمبر تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو.