نوابشاهه لڳ ڳوٺ علي گل مري ۾ پورهيت جي گهر کي باهه لڳي وئي، الهه تلهه سڙي رک

news

نوابشاهه (رپورٽ: فدا چانڊيو) سٺ ميل ڀرسان چڪ اوڀاري ساوڙي جي ڳوٺ علي گل مري ۾ پورهيت ڪرم علي گورچاڻي جي گهر کي چُلهه مان اوچتو باهه لڳي وئي.

جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ اناج، هنڌ، کٽ سميت سمورو سامان الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، جڏهن ڳوٺاڻن پهچي باهه تي ضابطو آڻي پاڙي جي ٻين گهرن کي بچائي ورتو.

جڏهن ته متاثر گهر ڌڻي کُلي آسمان هيٺ ويٺل آهن. هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مالي مدد ڪئي وڃي.