جلسن جي آڙ ۾ پاڪستان کي نقصان پهچائيندڙن سان سختي سان نبريو ويندو: فردوس عاشق اعواڻ

news

لاهور: سڌ سماءَ واري صوبائي معاون خاص فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جلسن ۽ جلوسن جي آڙ ۾ پاڪستان کي نقصان پهچائيندڙن سان سختي سان نبريو ويندو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن جو چوڻ هو ته اپوزيشن جلسا ضرور ڪري پر جيڪڏهن ڪنهن پاڪستان جي وجود تي حملو ڪيو ۽ ڊفينس جي حدن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن کي نه ڇڏينداسين.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هن وقت پاڪستان جنگ جي حالت ۾ آهي، پاڪستان جي ٻاهرين دشمنن پاران حملو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسان جا سياستدان ٻاهرين آقائن جا اوزار بڻيل آهن، اهڙي صورتحال ۾ نادان دوستن کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. پاڪستان کي ورهائڻ جي سازش کي ناڪام بڻائينداسين.