ٽنڊوڄام: حيسڪو پاران رهتون ادا نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي، پنجٽيهه کان مٿي ڳوٺن جي بجلي ڪاٽا

news

ٽنڊوڄام(رپورٽ: مستنصر علي جمالي)حيسڪو چيف جي هدايت تي ايس ڊي او سب ڊويزن ٽنڊوڄام عبدالله ميمڻ جي اڳواڻي ۾ غيرقانوني ڪنڍن ۽ رهتون ادا نه ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪندي ڳوٺ قائم ٻٻر، ڳوٺ محراب ٽالپر، ڳوٺ مير شير محمد، ڳوٺ سوڀو مگسي، ڳوٺ مهرو مگسي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ لڳل ٽرانسفارمر لاهي بجلي ڪٽي ڇڏي جڏهن ته ڪيترا غيرقانوني ڪنڍا پڻ لاٿا ويا. 

انهيءَ موقعي تي ايس ڊي او حيسڪو ٽنڊوڄام عبدالله ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بجلي چوري ڪندڙ ۽ رهتون ادا نه ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ ڇوٽ نه ڏني ويندي، هن چيو ته بجلي چوري ڪرڻ جو نقصان ملڪ ۽ قوم کي برداشت ڪرڻو ٿو پوي ۽ بجلي مهانگي ٿيڻ جو ڪارڻ ئي بجلي چوري آهي، هن چيو ته عوام کي گهرجي ته ميٽر لڳرائين ۽ بجلي جو بل وقت تي ادا ڪن ٻي صورت ۾ بجلي چورن خلاف ڪاروائي جاري رهندي.