اڪيلائي ختم ڪرڻ لاءِ ”گرل فرينڊ“ جو احساس ڏياريندڙ هٿ ٺهي ويو

news

ٽوڪيو: سائندانن هاڻ اڪيلي ۾ رهندڙ ماڻهن جي اڪيلائي ختم ڪرڻ وارو هٿ ٺاهي ورتو آهي.

جاپان جي گيگو يونيورسٽي جي سائنسدانن تازو ئي هڪ اهڙي ڊوائيس ٺاهي آهي جيڪا اڪيلائي جو شڪار مردن کي گرل فرينڊ جو هٿ وٺڻ وارو احساس ڏيندي.

ان ڊوائيس جو نالو” My Girlfriend in Walk“ آهي جيڪو جديد روبوٽڪ هٿ آهي ۽ ان جي ڊزائن اهڙي آهي جو جيڪڏهن توهان ان جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندئو ته توهان کي اهو هٿ اصلي هٿ وارو احساس ڏيندو.

سائندانن ان هٿ کي اهڙي نرم جيل سان ٺاهيو آهي جنهن سان اهو انسان جي چمڙي وانگي احساس ڏيندو آهي جنهن ۾ انتهائي سنهڙا سوراغ به آهن ته جيئن ان ۾ پنهنجي پسند جي خوشبو وجهي سگهجي.

ٻئي طرف ان روبوٽڪ هٿ ۾ بلٽ ان پريشر سينسر به موجود آهي جنهن تحت توهان جيتري طاقت سان هٿ وٺندئوته اهو هٿ انساني هٿ وانگي ڪم ڪندو.

ياد رهي ته هي هٿ في الحال آزمائشي مرحلي ۾ آهي جڏهن ته ان ڊوائيس کي ٺاهيندڙ سائنسدانن جي دعويٰ آهي ته هي هٿ اڪيلائي جو شڪار ماڻهن لاءِ مددگار ٿي سگهي ٿو.